ديوان صورت بهار

ديوان صورت بهار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ديوان صورت سنگهه ولد ديوان همت سنگهه جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن جي شروعاتي 462 صفحن تي سندس هندي، فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ چيل ڪلام آهي ۽ آخري 50 صفحن تي فارسي زبان ۾ چيل مثنوي، سنڌي ترجمي سان گڏ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ هر شعر جي هيٺان ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آهي، جيڪا مسٽر ٽهلرام آسودي مل جي ڏنل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1935ع ۾ موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، تلڪ روڊ، حيدرآباد مان راءِ صاحب حشمتراءِ ولد ديوان لعل سنگهه گدواڻي ۽ مسٽر چانڊو مل ولد ديوان لعل سنگهه گدواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان ڇپيل 518 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ رپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو